SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


رياستي رقص


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


رياستي رقص

Stately Quadrille

اسٽيٽلي ڪاڊرل

هي اصطلاح اڻويهين صدي عيسويءَ ۾ يورپ جي مختلف سگهارين رياستن طرفان، هڪٻئي سان ٺاهه ڪرڻ ۽ ٺاهن ذريعي نوان هاڙهي ڳولڻ واري رويي جي نشاندهي ڪري ٿو. انهيءَ رويي جو اصل مقصد، يورپ کي ڪنهن به هڪ ملڪ جي اثر کان بچائڻ ۽ خطي ۾“ طاقت جو توازن“ پيدا ڪرڻ هو. Quadrille دراصل ناچ جي هڪ قسم آهي، جنهن ۾ نچندڙ جوڙا پنهنجو پارٽنر بار بار تبديل ڪندا رهندا آهن. هي اصطلاح خاص طور ان مهل اهميت اختيار ڪري ويو، جڏهن 1755ع ۾ آسٽريا ۽ انگلينڊ پنهنجو پراڻو اتحاد ختم ڪري، پنهنجن روايتي دشمنن پروشيا ۽ فرانس سان وڃي پيچ پختا ڪيا. انهيءَ اوچتي چڪر بازيءَ وڏي سفارت ڪارن جا وائيسر به ڦيرائي ڇڏيا، جن اهڙي تبديليءَ کي ”سفارتي انقلاب“ قرار ڏيئي ڇڏيو. ارڙهين صدي عيسويءَ جي آخري ڏهاڪن ۾، جڏهن يورپ مٿان فرانس ۽ برطانيا جو اثر پڌرو ٿي بيٺو، ته هن اصطلاح ۽ رويي جي اهميت گهٽجندي وئي


Remember Me Also:

سڄي وهڻ

ڪنهن سان چڱا پير کڻڻ. ڪنهن سان ڀلو ڪرڻ ، آسان ڪم ۾ مدد ڪرڻ. ”سَڄِي وَهي سَڀڪو، پر کٻي وهن خان“.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal